SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گروپ ٽيٽيهه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گروپ ٽيٽيهه

Group Thirty Three G-33

گروپ ٿرٽي ٿري (جي 33)

دنيا جي ٽيٽيهه سگهارين معاشي رياستن تي ٻڌل هيءَ تنظيم 1999ع ۾ گروپ 22 کان پوءِ قائم ٿي. هن گروپ جو مقصد بين الاقوامي معاشي نظام ۽ مالياتي سرشتن کي بهتر بنائڻ هو. گروپ ۾ دُنيا جي اُسريل ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ 33 مُلڪن جا خزانن جا وزير ۽ مرڪزي بئنڪن جا گورنر شريڪ ٿيندا هئا. گروپ جي پهرين گڏجاڻي بون جرمنيءَ ۾ 1999ع ۾ ٿي. هن گروپ جي ميمبرن ۾ ارجنٽينا، آسٽريليا، برازيل، بيلجيم، ڪئناڊا، چلي، چين. ڪاٽ دا لوور، مصر، فرانس، جرمني، هانگ ڪانگ، انڊيا، اندونيشيا، اٽلي، جپان، ملائيشيا، ميڪسيڪو، مراڪش، نيدرلينڊس، پولنڊ، روس، سعودي عرب، سنگاپور، ڏکڻ آفريقا، ڏکڻ ڪوريا، اسپين، سويڊن، سوئٽزرلينڊ، ٿائلينڊ، ترڪي، برطانيا ۽ آمريڪا شامل آهن. ان کان علاوه دنيا جي غريب ملڪن جو پڻ ساڳئي نالي سان هڪ گروپ ٺاهيل آهي. جيڪو معاشي ۽ واپاري معاملن تي هڪٻئي کان سهڪار ڪنداآهن. ان گروپ جو مقصد بين الاقوامي واپار ۾ ساڳيا مسئلا ڏسندڙ ملڪن درميان رابطو وڌائڻو هو، هن گروپ WTO جي گڏجاڻي ۾ غريب مُلڪن لاءِ خصوصي قاعدا جوڙڻ جي سلسلي ۾ سفارشون ڏنيون، جن مان سندن زرعي معيشيت تي غريب مُلڪن جي اختيار کي تحفظ فراهم ڪرڻ وارو نڪتو نهايت اهم آهي. هن گروپ جي ميمبرن ۾ هيٺيان ملڪ شامل آهن: انٽيگئا ۽ بارباڊوئا، بارباڊوس، بليز، بينن، بوٽسوانا، چين، ڪاٽ دالووير، ڪيوبا، ڪانگو، ڊومنيڪن ريپبلڪ، ايلسلواڊور، گرينيڊا، گيانا، گوئٽي مالا، هيٽي، هونڊيوراس، انڊيا، انڊونيشيا، جميڪا، ڪينيا، لائوس، ماريشسي، مڊگاسڪر، منگوليا، موزمبيق، نڪاراگئا، نائيجيريا، پاڪستان، پناما، پيرو، فلپائن، سينٽ ڪيٽس، ائنڊتيونس، سينٽ لُوسيا، سينٽ ونسيٽ ۽ گريناڊينس ، سينيگال ، ڏکڻ ڪوريا، سري لنڪا، سرينام، تنزانيه، ترڪي، يوگنڊا، زيمبيا ۽ زمبابوي


Remember Me Also:

درياهه جي ديگ ڪرڻ

ڪُنِي ڪرڻ ، ڪُنُ هڻڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal